اصغر گوزائي

اصغر گوزائي

اصغر گوزائي

اصغر گوزائي: شاعر، ليکڪ ۽ استاد اصغر گوزائي جو اصل نالو علي اصغر ولد ميرل خان ڪلهوڙو آهي. 3 نومبر 1959ع تي، خيرپورناٿن شاهه جي مشھور ڳوٺ ’گوزي‘ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم گوزي شھر مان، انٽر دادو مان، جڏهن ته گريجوئيش، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. 1981ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 2018ع ۾ HST طور رٽائرڊ ٿيو. هن شاعريءَ جي شروعات 1987ع کان جوهر بروهي ۽ علي دوست عاجز جي صحبت ۾ ڪئي. شاعريءَ جي اصلاح به علي دوست عاجز ۽ نشترناٿن شاهي کان ڪرائيندو رهيو آهي. سندس شاعري جلال چانڊيو، منظور سخيراڻي، ممتاز لاشاري، تاج مستاني، وزير علي شاهه ۽ ٻيا ڳائي چڪا آهن. ان کان علاوه سندس ڪجهه شاعري ’هلال ‘ ۽ ’عبرت‘ رسالن ۾ به شايع ٿيل آهي


لفظ اصغر گوزائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.11.03  عيسوي

شاعر، ليکڪ ۽ استاد اصغر گوزائي جو اصل نالو علي اصغر ولد ميرل خان ڪلهوڙو آهي. 3 نومبر 1959ع تي، خيرپورناٿن شاهه جي مشھور ڳوٺ ’گوزي‘ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صالح راڄپر وفا
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
سائينداد ساند
سيد نادر علي شاهه فراق
علي ناصر ڌاريجو
سيد گل حسن شاهه مجذوب
الطاف عباسي
سڪندر سرواڻ
ڏاهري عبدالرحيم
چانڊيو عبدالله خان ’همدم‘
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون